چار داڻا (ڪتاب)

چار داڻا (ڪتاب)

چار داڻا (ڪتاب)

چار داڻا (ڪتاب): منصور پبليڪيشن حيدرآباد جو پندرهون ڪتاب ’چار داڻا‘، اردو ۽ هندي زبان جي نامياري افسانه نگار خواجه احمد عباس جي ڪهاڻين جو ترجمو آهي.
’چار داڻا‘ اصل ۾، خواجه احمد عباس جون هنديءَ ۾ تصنيف ٿيل چار ڪهاڻيون آهن. جن مان ٻه داڻا، ’امريڪا جو داڻو‘ ۽ ’چين جو داڻو‘ نالي ڪهاڻيون مڪتبه شاهراهه دهليءَ وارن پنهنجي رسالي ۾ شايع ڪيون هيون، جن کي سنڌي زبان جي نامياري اديب ابن حيات پنهور سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ’چار داڻا‘ (ڀاڱو پهريون) عنوان سان پهريون ڇاپو 1951ع ۾ ڇپرايو هو، جنهن جو ٻيو ڇاپو منصور پبليڪيشن، حيدرآباد 1984ع ۾ شايع ڪيو. ڪتاب جو ٽائيٽل نامور مصور علي اڪبر جو ٺهيل آهي. خواجه احمد عباس جون باقي ٻه ڪهاڻيون ’روس جو داڻو‘ ۽ ’پاڪستان جو داڻو‘ ترجمو ٿي نه سگهيون. 88 صفحن جي هن ڪرائون سائيز ڪتاب جي قيمت ڇهه روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو